SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


رضاڪار فوج


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


رضاڪار فوج

Militia

مليشيا

ڪنهن به باضابطا فوج جي بدل طور، مقامي سطح تي هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ تربيت ورتل هٿياربندن جي ڪنهن به تنظيم کي مليشيا (Militia) چيو ويندو آهي. ڌاري يا مخالف ڌر طرفان مداخلت جي انداز ۾ موڪليل اهڙا دستا رياستي استحڪام لاءِ خطرو پيدا ڪري سگهندا آهن، ان جي نتيجي ۾ داخلي طور تي ڇڪتاڻ، بلڪه گهرو لڙائيءَ واري صورتحال پيدا ٿي ويندي آهي، جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ مقامي آباديءَ مان رضاڪار فوج تيار ڪبي آهي. پر اهڙا هٿيار بند دستا تيار ڪرڻ ۽ مقامي آباديءَ جي هٿ ۾ هٿيار ڏيڻ واري عمل تي ضابطو رکڻ لاءِ سياسي قيادت جي طرفان جوڙيل اعتماد ڀري حڪمت عمليءَ جي ضرورت پوندي آهي. ڇاڪاڻ ته هڪ دفعو عام ماڻهن وٽ هٿيار پهتا ته اهي انهن کي ذاتي جهيڙن سميت ڪنهن به رخ ۾ استعمال ڪري سگهن ٿا، بلڪه عين ممڪن آهي، ته اهي هٿياربند سول انتظاميا جي مدد ڪرڻ بجاءِ، انهن جي قائم ڪيل انتظامي سرشتي لاءِ وڏو مٿي جو سور بڻجي وڃن. بهرحال هن حوالي سان دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڪميونسٽن ۽ قومپرستن عام ماڻهوءَ جي هٿن ۾ هٿيار ڏيئي ڪيتريون شاندار ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. جنگي حڪمت عمليءَ جي ماهرن ميڪياويليءَ جي دور کان وٺي رضاڪار فوج ۽ تربيت يافته مستقل فوج جي ڪردار بابت تمام گهڻا بحث ڪيا آهن، مارڪس واد ۽ لينن واد جي ارتقا ان بحث ۾ نظرياتي پهلوءَ کي ملائي ڇڏيو. هن نظريي جي ڪيترن ڏاهن، خاص طور تي ته فريڊرڪ اينگلز جو خيال آهي، ته ڪنهن به سياسي سرشتي جي لاءِ ”رضا ڪار فوج“ جي جوڙجڪ بهترين فوجي تنظيم جو اظهار آهي، پر سوويت يونين جي قيام ان رضاڪار فوج جي قيام واري تصور کي تمام گهڻي اهميت ڏني. ٻي عالمي جنگ ۾ فرانس ”رضا ڪار فوج“ جي قيام واري تصوري تمام گهڻي اهميت ڏني ۽ سڄي قوم کي هٿياربند ڪرڻ واري نظريي جي حمايت ڪئي، ”رضاڪار فوج“ جو استعمال وچ اوڀر، افغانستان، لاطيني آمريڪا، هند چيني، آفريقا ۽ ٻين هنڌن تي به نظر آيو آهي. انهن نيم فوجي دستن جي مختلف هنڌن تي ڪارڪردگي فائدي مند ۽ ڪيترن هنڌن تي نقصانڪار رهي آهي


.


رضاڪار فوج بابت وڌيڪ اصطلاح

  • مليشيا- رضاڪار فوج

  • Remember Me Also:

    هڏ هڻڻ

    هَڏَ هَڻڻُ

    محنت ڪرڻ، پورهيو ڪرڻ، هڏ گسائڻ، جفاڪشي ڪرڻ، ڌنڌو ڌاري ڪرڻ، بازو هڻڻ.

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal